خانبهادر شيخ صادق علي انصاري

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري: شيخ صادق علي انصاري ولد شيخ شير علي انصاريءَ جا وڏا انبهٽ سهارنپور انڊيا جا رهاڪو هئا، جتان اچي شڪارپور ۾ آباد ٿيا. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ حيدرآباد جي اسڪول مان پاس ڪيائين. مرزا قليچ بيگ سندس ڪلاس فيلو هو. شيخ صادق علي 17 آڪٽوبر 1873ع تي سرڪاري نوڪريءَ تي فائز ٿيو. 7 ڊسمبر 1881ع تي مختيارڪار مقرر ٿيو، جتان ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪري 12 مئي 1888ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. 11 مئي 1907ع تي خيرپور رياست جو وزير ٿيو. 1911ع ڌاري کيس “خانبهادر” جو لقب مليو. هن خيرپور ۾ فيض لائبريري ۽ جيمخاني جو بنياد رکيو ۽ تعليم لاءِ به اهم ڪم ڪيائين. ڪوٽڏيجي ۾ خانگي شاهي محل تيار ڪرايائين. شيخ صادق علي خانبهادر قادرداد خان جي زيردست ڪلارڪ به ٿي رهيو. ڪراچيءَ ۾ ٿيل “آل سنڌ انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس” سندس وقت ۾ ٿي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.12.07  عيسوي

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري 7 ڊسمبر 1881ع تي مختيارڪار مقرر ٿيو،


1888.05.12  عيسوي

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري12 مئي 1888ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو.


1907.05.11  عيسوي

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري11 مئي 1907ع تي خيرپور رياست جو وزير ٿيو. 1911ع ڌاري کيس “خانبهادر” جو لقب مليو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس لغاري
سيد نظر حسين شاه نقوي
دائي
بيگم فقيرياڻي
ڀائو محمد اسماعيل سيلرو
خيرالنساءِ جعفري
خليفو محمد سجاول خان
يارو فقيرريڍار
ڀائي لعل محمد استاد
اسلم تنيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون